عـبـدالرئـوف عـاصـي

عـبـدالرئـوف عـاصـي: شـاعـر ۽ عـالـم مولوي عبدالرئوف عاصيءَ جو جنم 1889ع ڌاري ڳوٺ کنڊو، تعلقي وارهه ۾ ٿيو. ابتدا ۾ ميان غلام محمد ملاح وٽ قرآن شريف پڙهيو. ان کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالعزيز شاهه وٽ پڙهي دستاربند ٿيو. ان کان سواءِ جيد عالم مولوي اميد علي (جيڪب آباد) ۽ مولوي شمس القمر (پنجاب) وٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. علمي تحصيل کان پوءِ عمر جو پهريون حصو درس و تدريس ۾ صرف ڪيائين. سندس شاگردن جو خاصو تعداد هوندو هو. کيس عربيءَ ۾ ايتريقدر مهارت حاصل هئي، جو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو به سندس عربي تحرير جو معترف هو. عربي تحرير سان گڏ ڳالهائڻ وقت به قابل تعريف ۽ موزون عربي لفظ استعمال ڪندو هو. مولوي عبدالرئوف نه رڳو جيد عالم ۽ سياسي شخصيت جو مالڪ هو، پر وڏو شاعر به هو. هن سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي. سندس گهڻو ڪلام زماني جي گردش سبب ناپيد ٿي ويو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول منظور ڪرايو، جنهن مان ڪيترائي ماڻهو علم حاصل ڪري وڏن عهدن تي فائز ٿيا. هن ذهين عالم، حليم، صادق، صابر، عامل ۽ عاقل، درويش صفت انسان، 8 جولاءِ 1948ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.07.08  عيسوي

عبدالرئوف عاصيءَ جو جنم 1889ع ڌاري ڳوٺ کنڊو، تعلقي وارهه ۾ ٿيو.هن 8 جولاءِ 1948ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير شير خان جتوئي شائق
امرتا پريتم
خادم حسين شاهه
سونو خان ملاح:
رکيل مورائي
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو
سلطان بخاري
اقبال علامه ڊاڪٽر
سيد باغ علي شاهه لکوي
چانڊيو زخمي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون